اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ملتان ۾ عيد ملهائي

اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ملتان ۾ عيد ملهائي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن کي ڪاميابي تائين جاري رهڻ گهرجي.

اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ملتان ۾ عيد ملهائي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن قوم کي عيد واڌايون ڏنيون.

شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچڻ گهرجي.

هن چيو ته الطاف حسين کي چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته قوم حيران آهي ته ايان علي ڪيئن آزاد ٿي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو  نواز مودي ملاقات ڪيتري اثرائتي هئي، ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو وڃي ته ملاقات جي ٻئي ڏينهن ڀارتي فوج ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*