سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ ٽن صوبن جي عملدارن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جي اگهه کي نظر ۾ رکندي کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ ٽن صوبن جي عملدارن توڙي آبادگارن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن کي 25 نومبر تائين رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس شاهنواز طارق تي ٻڌل بئنچ شوگر ملز ايسوسيئشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪمند جو اگهه 182 رپيا مقرر ٿيڻ سبب شوگر ملز کي تمام گهڻو نقصان پوندو ۽ کنڊ جو مناسب اگهه نه ملڻ سان ملون بند ٿي وينديون.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته کنڊ جو مناسب اگهه مقرر ڪيو وڃي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪمند جي اگهه کي نظر ۾ رکندي کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ وفاق، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي عملدارن، شوگر ملرز ۽ آبادگارن تنظيمن جي  نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

عدالت ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ جا اگهه مقرر ڪري 25 نومبر تائين رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*