عيد ڏينهن به والاريل ڪشمير ۾ پاڪستاني پاڪستان جهنڊا ڦرڪايا ويا

عيد ڏينهن به والاريل ڪشمير ۾ پاڪستاني پاڪستان جهنڊا ڦرڪايا ويا، ڀارتي فوج  پاران ريلي ۾ شريڪ تي سخت تشدد ڪيو پر ان باوجود مظاهرين پاڪستان جي حق ۾ نعريبازي ڪندا رهيا.

سرينگر ۾ ڀارتي فوج پاران نظربند ڪيل ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي نظربندي ختم ڪرڻ لاءِ ڪشميرين نوجوانن پاران ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ شريڪ نوجوانن جي هٿ ۾ پاڪستاني جهنڊا هئا، جيڪي پاڪستان جي حق ۽ ڀارت جي ظلم خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا.

ڀارتي فوج پاران مظاهرين تي لٺبازي ڪئي وئي ۽ کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو به استعمال ڪيو ويو.

سرينگر ۾ عيد نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مختلف اجتماعن تي به پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪايا ويا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*