وڏي وزير قائم علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين ڳڙهي خدابخش ۾ عيد نماز ادا ڪئي ۽ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري

وڏي وزير قائم علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين ڳڙهي خدابخش ۾ عيد نماز ادا ڪئي ۽ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري، وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، رينجرز جي اختيارن ۽ مقرري واري مُدي۾ واڌ جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري ورتي ويندي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم پي اي محمد علي ڀٽو ۽ ٻين ڳڙهي خدا بخش ۾ عيد نماز ادا ڪئي، جنهن بعد سڀني شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري.

عيد نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته هو ايپڪس ڪميٽي جو سربراهه ۽ صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي ۽ صوبي جي سربراهه جي حيثيت سان امن امان جو ذميوار به هو ئي آهي.

قائم علي شاهه چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ۽ مقرري واري مُدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ارڙهين ترميم کانپوءِ انهي جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري ورتي ويندي.

هن چيو ته رينجرز جي جتي به ڪارروائي ڪري ٿي، ان کان اڳ کيس آگاهه ڪيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪارروائي کانپوءِ ان بابت آگاهي ڏني ويندي آهي.

نائين زيرو تي ڇاپي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته رينجرز ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي ۽ ڪرمنل ماڻهن کي گرفتار ڪري رهي آهي، جيڪو بيگناهه هوندو آهي، ان کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويندو آهي.

سنڌ جي بيورڪريسي ۾ ٿيل اٿل پٿل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته دبئي اجلاس کانپوءِ سنڌ ۾ ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ اها ڪارروائي آئنده به جاري رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*