ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ٿيندي خواجه آصف

پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ اينگرو ڪمپني ۾ ٿـَر جـَي ڪوئلي مان 6 سئو 60 بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي تي صحيحون ڪيون ويون آهن، خواجه آصف چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ٿيندي، ٿر ٻارڙن جي موت ۽ ڏڪار سبب مشهور ٿيو آهي، جيڪا شرم جهڙي ڳالهه آهي.

اسلام آباد ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ اينگرو ڪمپني ۾ ٿر مان بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي “ ليٽر آف انٽريسٽ” تي صحيحون ڪيون ويون، ان موقعي تي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ اينگرو ڪمپني جي سي اي او معاهدي صحيحون ڪيون.

منصوبي تي صحيحن واري تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان پاور جنريشن جو هي پهريون منصوبو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪئي ويندي.

خواجه آصف چيو ته منصوبو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ڊسمبر 2017 تائين بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته ٿر ٻارڙن جي موت ۽ ڏڪار سبب مشهور ٿيو آهي، قوم جي حيثيت سان کين ان تي شرم اچي رهيو آهي.

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير چيو ته اينگرو ڪمپني ٿر ۾ پاور پلانٽ لڳائيندي، ڏڪار ماضي جو قصو بڻجي ويندو ۽ علائقي ۾ خوشحالي ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*