ڪراچي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ڊيمن ۾ پاڻي سطح ۽ دريائي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي

ڪراچي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ڊيمن ۾ پاڻي سطح ۽ دريائي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، ڏکڻ پنجاب جي مختلف علائقن جي رهواسين کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اترين علائقن ۽ ڪوهه سليمان تي برسات سبب دريائي وهڪرن ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، مظفر ڳڙهه، راجنپور، ڪوٽ ادو، لال ڳڙهه، حاجي پور ۽ ٻين علائقن جي رهواسين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي.

ڄاڻايل علائقن جي ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

مظفر ڳڙهه جي ڊي سي جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ ۾ هيڊ تونسه وٽ پاڻي چاڙهه ۾ واڌ بعد ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن جنهن لاءِ 18 رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن.

راجنپور ۾

ڪمشنر امين الحق جو چوڻ آهي ته چترال ۾ به ٻوڏ جي صورتحال آهي، چترال اسڪائوٽس جي ڪمانڊنٽ جو چوڻ آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آرمي اسڪائوٽس جا جوان الرٽ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*