گهارو ۽ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشنز جي بجلي بند هئڻ سبب ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي جي فراهمي معطل آهي

گهارو ۽ ڌاٻيجي  پمپنگ اسٽيشنز جي بجلي بند هئڻ سبب ڪراچي جي مختلف علائقن کي  پاڻي جي فراهمي معطل آهي، جنهن سبب شهر ۾ پاڻي بحران وڌڻ جو خدشو آهي.

ڪي اليڪٽرڪ پاران عيد جي موڪلن دوران به بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، گهارو پمپنگ اسٽيشن جي ٻنهي يونٽن جي بجلي 6 ڪلاڪن کان بند هئڻ سبب ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي جي فراهمي معطل آهي.

ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي به بجلي بند هئڻ سبب ڪراچي کي پاڻي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

ڪراچي  کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران  وڌڻ جو خدشو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*