موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، اترين علائقن، پنجاب جي گجرانوالا، لاهور، سرگوڌا ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي

موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، اترين علائقن، پنجاب جي گجرانوالا، لاهور، سرگوڌا ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مالاڪنڊ، پشاور، ڪوهاٽ، مردان، ڊيرا اسماعيل خان، ملتان، ڊيرا غازي خان، قلات، نصير آباد، سبي، فاٽا، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ڪي پي ڪي، اترين علائقن، پنجاب جي گجرانوالا، لاهور، سرگوڌا ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب راولپنڊي، گجرانوالا ۽  لاهور ڊويزن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، دريائن ۾ چاڙهه سبب پنجاب، ڪي پي ڪي جي اترين علائقن ۽ بلوچستان جي اوڀر وارن علائقن جي ڪچي واسين کي 3 ڏينهن  تائين الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي  وئي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، اپر پنجاب، ڪي پي ڪي ، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ برسات پئي، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*