ڪراچي جي، جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت نائين زيرو تان گرفتار ٿيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور کي راهداري رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي جي، جوڊيشل مئجسٽريٽ جي  عدالت  نائين  زيرو تان  گرفتار ٿيل   ايم ڪيو  ايم  اڳواڻ قمر منصور کي راهداري رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز قمر منصور کي رمانڊ لاءِ جوڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت رينجرز جي درخواست تي کيس راهداري رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عيد جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ قمر منصور کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

     رينجرز قمر منصور کي  عيد واري رات نائين زيرو تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ساڻس گڏ گرفتار ٿيل ڪيف الورا کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*