نصر پور ڀرسان پليجاڻي اسٽيشن وٽ ٽرين جي ڪار کي ٽڪر سبب حادثي جو شڪار ٿيل خاندان جي سربراهه محمد عرس جروار جي والده صدمي ۾ فوت ٿي وئي آهي

نصر پور ڀرسان پليجاڻي اسٽيشن وٽ ٽرين جي ڪار کي  ٽڪر سبب حادثي جو شڪار ٿيل خاندان جي سربراهه محمد عرس جروار جي والده صدمي ۾ فوت ٿي وئي آهي،جڏهن ته واقعي کي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.

پليجاڻي اسٽيشن وٽ تيز رفتار ٽرين ڦاٽڪ ڪراس ڪندڙ ڪار مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻي محمد عرس جا 4 ٻارڙا، گهر واري ۽ ڊرائيور فوت ٿي ويا هئا.

واقعي جي صدمي ۾ محمد عرس جي والده حليمان فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته گهر ڌڻي محمد عرس جي حالت به خراب ٻڌائي پئي وڃي.

واقعي کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي، ريلوي انتظاميه پنهنجي ڪوتاهي لڪائڻ لاءِ  حادثي واري هنڌ تي هڪ ملازم کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*