ڪراچي ۾ رينجرز ٽارگيٽڊ ڪارروائي دوران مذهبي تنظيم جي اڳواڻ کي سندس پٽ سميت گرفتار ڪري ورتو آهي

ڪراچي ۾ رينجرز ٽارگيٽڊ ڪارروائي دوران مذهبي تنظيم جي اڳواڻ کي سندس پٽ سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، پاسبان جي گرفتار اڳواڻ عثمان معظم جي گهر واري چيو آهي ته 20 کان 25 اهلڪار دروازو ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ موبائيل فونون به کڻي ويا .

فيڊرل بي ايريا ۾ رينجرز هڪ گهر تي ڇاپو هڻي  پاسبان جي جنرل سيڪريٽري عثمان معظم کي پٽ سميت گرفتار ڪيو.

پاسبان جي صدر فيڊرل  پارٽي جي جنرل سيڪريٽري عثمان معظم ۽ سندس پٽ جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته عثمان معظم عزيز آباد جي تڪ اين اي 246 تان اليڪشن ۾ حصو ورتو هو ۽ ان دوران کيس ڌمڪيون به ڏنيون ويون هيون.

پاسبان جي صدر ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عثمان معظم بي ڏوهي آهي.

عثمان معظم جي گهر واري ڇاپي بابت ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته رينجرس جا 25 کان 30 اهلڪار دروازو ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ سڀني گهر ڀاتين جون موبائيل فونز پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*