ٽين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 135 رنسن تان شڪست ڏئي پنج ميچز جي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن سان برتري حاصل ڪري ورتي آهي

  ٽين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 135 رنسن تان شڪست ڏئي پنج ميچز جي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن سان برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ڪولمبو  جي  پريما داسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ  ۾ پاڪستان، سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 317 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، پر سريلنڪن بيٽسمين، پاڪستاني بالرن ۽ فيلڊرن جي  بهترين آل رائونڊ پرفارمنس اڳيان بي وس  نظر  آيا ۽ سموري سريلنڪن ٽيم ٻائيتالهين اوور جي پهرين بال تي 181 رنسون ٺاهي ڍير ٿي  وئي.

 سريلنڪا طرفان ٿري مني 56، ڪوشل پريرا 20، چندي مل 18 ۽ پٿي رانا 19 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪو به بيٽسمين گهڻي دير تائين پاڪستاني بالرن جي سامهون نه بيهي سگهيو.

   پاڪستان طرفان ياسر شاهه سڀ کان وڌيڪ ڪامياب بالر ثابت ٿيو، جنهن چار وڪيٽون ورتيون، ان کان علاوه ايماد وسيم ۽ انور علي 2،2 ، جڏهن ته راحت علي هڪ وڪيٽ ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*