مظفر ڳڙهه ريلوي ڦاٽڪ ويجهو مال گاڏيءَ جون ٻه بوگيون پٽڙيءَ تان لهي وڃڻ ۽ دوڙ ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي ايڪسپريس جي انجڻ فيل ٿيڻ سبب مختلف ٽرينن کي مختلف هنڌن تي روڪيو ويو آهي

مظفر ڳڙهه ريلوي ڦاٽڪ ويجهو مال گاڏيءَ جون ٻه بوگيون پٽڙيءَ تان لهي وڃڻ ۽ دوڙ ريلوي اسٽيشن تي ڪراچي ايڪسپريس جي انجڻ فيل ٿيڻ سبب مختلف ٽرينن کي مختلف هنڌن تي روڪيو ويو آهي ۽ جنهن ڪري ريلوي ٽريڪس تي ٽرينن جي آمدرفت معطل ٿي وئي آهي.

مظفر ڳڙهه ويجهو ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڪراچي ويندڙ مال گاڏي جي ڪلپ کلڻ سبب 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، جڏهن ته ريلوي ٽريڪ تي ٽرينن جي اچ وچ معطل ٿي وئي آهي.

ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ٽرين جي ٻن بوگين جون connecting clips ٽُٽڻ سبب حادثو ٿيو.

حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروايون جاري  آهن، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته جلد بوگين کي ٽرين سان ڳنڍي ريلوي ٽريڪ تي ٽرينن جي آمد رفت بحال ڪئي ويندي.

راولپنڊي کان ڪراچي ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس جي انجڻ دوڙ ريلوي اسيٽيشن تي فيل ٿي وئي، جنهن ڪري گذريل ٻن ڪلاڪن کان مسافر پريشان ۽ ٽريڪ تي ٽرينن جي آمدرفت معطل آهي.

ڪراچي ايڪسپريس جي انجڻ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ قراقرام ايڪسپريس کي ٻانڌي ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*