ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ڊيمن ۾ پاڻي سطح ۽ دريائي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، چترال ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ شهر جو ملڪ جي مختلف علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ ڊيمن ۾ پاڻي سطح ۽ دريائي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، چترال ۾ برسات جي تباهين کانپوءِ شهر جو ملڪ جي مختلف علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب جي مختلف علائقن جي رهواسين کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اترين علائقن ۽ ڪوهه سليمان تي برسات سبب دريائي وهڪرن ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، مظفر ڳڙهه، راجنپور، ڪوٽ ادو، لال ڳڙهه، حاجي پور ۽ ٻين علائقن جي رهواسين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي.

ڄاڻايل علائقن جي ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

مظفر ڳڙهه جي ڊي سي جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ ۾ هيڊ تونسه وٽ پاڻي چاڙهه ۾ واڌ بعد ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن جنهن لاءِ 18 رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن.

راجنپور ۾ ڪوٺ مٺن واري هنڌ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح مسلسل وڌي رهي آهي، جڏهن ته ڪچاچهواڻ ۾ 100 کان وڌيڪ وسنديون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن.

چترال ۾ به مسلسل هڪ هفتي تائين برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال آهي.

شهر کي مختلف ملڪ جي مختلف حصن سان ملائيندڙ پل ٽٽڻ سبب چترال جو ڪيترن ئي شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.

ڪمشنر امين الحق جو چوڻ آهي ته چترال ۾ به ٻوڏ جي صورتحال آهي، چترال اسڪائوٽس جي ڪمانڊنٽ جو چوڻ آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آرمي اسڪائوٽس جا جوان الرٽ آهن….

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*