سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه سبب واسطيدار ڊي سيز کي ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ سيڪريٽري آبپاشي کي بئراجز تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه سبب واسطيدار ڊي سيز کي ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ سيڪريٽري آبپاشي کي بئراجز تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ خيرپور جي ڊي سي سيز کي هدايت ڪئي آهي ته ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

وڏي وزير آبپاشي سيڪريٽري کي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجز سميت صوبائي سطح تي ڪراچي سيڪريٽريٽ ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ مسلسل چاڙهه اچي رهي آهي، جنهن ڪري ڪچي ۾ رهندڙ خاندان متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*