جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وفاق کان خيبر پختونخوا ۾ برسات تباهين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وفاق کان خيبر پختونخوا ۾ برسات تباهين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت اڪيلي قدرتي آفتن کي منهن نٿي ڏئي سگهي، جيڪڏهن پاڻي شدت سان سنڌ اندر داخل ٿيو ته وڏي تباهي اچي ويندي.

مولانا فضل الرحمان پنهنجي هڪ بيان ۾ خيبر پختونخوا جي چترال ضلعي اندر برسات تباهين تي افسوس ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

جي يو آءِ سربراهه وفاق کان ڪي پي ڪي ۾ برسات تباهين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته برساتن سبب چترال ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

هن چيو ته صوبائي حڪومت اڪيلي قدرتي آفتن کي منهن نٿي ڏئي سگهي، وفاق نوٽيس وٺي فوري طور صوبائي حڪومت جي مدد ڪري.

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڻي شدت سان سنڌ اندر داخل ٿيو ته وڏي تباهي اچي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*