پنجاب ۾ برسات ۽ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن

پنجاب ۾ برسات ۽ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن، سنڌو درياهه ۾ پاڻي چاڙهه کانپوءِ راجنپور، مظفر ڳڙهه ۽ ليه ۾ 2 سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، ڪوٽ مٺن ۾ لڏپلاڻ دوران 6 ورهين جو ٻارڙو ٻوڏ واري ريلي ۾ لڙهي ويو، پسرور ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڀينر فوت ٿي ويون، موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ اڃا به 3 کان 4 ڏينهن تائين برساتن جو سلسلو جاري رهندو.

راجنپور ويجهو ڪوٽ مٺڻ وٽان سنڌو درياهه مان 5 لک 20 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جو ريلو گذري رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن.

ڪوٽ مٺڻ ۾ لڏپلاڻ دوران 6 ورهين جو ٻارڙو برساتي پاڻيءَ جي ريلي ۾ لڙهي ويو، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين لاءِ راجنپور مان ريسڪيو ٽيمون به روانيون ٿي ويون آهن.

پي ڊي ايم اي ترجمان موجب سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب مظفر آباد ۽ راجنپور جا 131 ۽ ليه جا 71 ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن.

پنجاب جي علائقي پسرور ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڀينر فوت ٿي ويون.

تربيلا ۾ پاڻي جي آمد 3 لک 49 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 3 لک 9 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب اسپل وي کوليو ويو، جنهن سان پاڻي چاڙهه ۾ گهٽتائي ٿيندي.

ڊپٽي ڪمشنر مظفر ڳڙهه موجب تونسه بئراج ۾ 9 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش آهي، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

انتظاميا موجب ڪچي جي رهواسين  جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي جو عمل به جاري آهي.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل موجب چترال ۾ تباهي رڳو برسات سبب نه آئي آهي، پر گليشيئر پگهرجڻ سبب اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي.

ڊي جي ميٽ موجب دريائن ۾ وچولي درجو جو چاڙهه برقرار آهي، چوماسي جي برساتن جو سلسلو اڃا به 3 کان 4 ڏينهن تائين جاري رهندو.

برسات سبب ٻوڏ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته آگسٽ جو مهينو به چوماسي جي برساتن جو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*