بلاول ڀٽو زرداري اڄ پارٽي اڳواڻ جو اجلاس دبئي ۾ سڏائي ورتو آهي

بلاول ڀٽو زرداري اڄ پارٽي  اڳواڻ  جو اجلاس دبئي ۾ سڏائي ورتو آهي، سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار سميت ٻين معاملن جو جائزو وٺي اهم فيصلا ڪيا ويندا.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ پارٽي جو اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا وزير توڙي پارٽي اڳواڻ اڄ دبئي رواناٿيندا.

ذريعن موجب اجلاس دوران سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار سميت ٻين معاملن جو جائزو وٺڻ بعد اهم فيصلا ڪيا ويندا…………….

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*