گڊو ۽ سکر بئراجز تي پاڻي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ کانپوءِ ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

گڊو ۽ سکر بئراجز تي پاڻي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ کانپوءِ ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، پير ڳوٺ ويجهو الرا بچاءُ بند تي  پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ ڪچي جي 50 ڳوٺن جو پڪي وارن علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

گڊو بئراج تي وچولي ٻوڏ واري صورتحال آهي، گڊو تي مٿانهون وهڪرو 3 لک 53 هزار 71 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 25 هزار 541 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سکر بئراج تي به پاڻي وهڪرن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، مٿانهون وهڪرو 2 لک 83 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 27 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون وهڪرو 78 هزار 792 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار 97 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سنڌ درياءُ ۾ لاڳيتو چاڙهه کانپوءِ سنڌ ۾ ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنهن سبب ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري پڪي وارن علائقن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن.

پير ڳوٺ ويجهو الرا بچاءُ بند تي  پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ ڪچي جي 50 ڳوٺن جو پڪي وارن علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته چوماسي جي برساتن جو سلسلو اڄ کان سنڌ ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين سنڌ ۾ برسات ٿيندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ وسڪاري سان صورتحال پيچيده ٿي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*