باڊهه شهر ۾ ٻن جوابدارن مبينا طور نينگر کي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي

باڊهه شهر ۾ ٻن جوابدارن مبينا طور نينگر کي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 بليدي پاڙي  ۾ جوابدار حسين بخش لوهر پنهنجي ساٿي جي مدد سان 13 ورهين جي نينگر  فقير محمد ٻلهڙو کي نشو ڏئي مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس نينگر سان زيادتي ڪندڙ هڪ جوابدار کي  گرفتار ڪري ورتو آهي،جڏهن ته  سندس ساٿي فرار ٿي ويو آهي.

مبينا طور زيادتي جو شڪار  نينگر کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 نينگر فقير محمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار حسين بخش پنهنجي ساٿي سان گڏ چانهه پيارڻ جي بحاني هوٽل تي وٺي  ويو، جتي چانهه ۾ نشو وجھي ٻنهي جوابدارن کيس زيادتي جو نشانو بڻايو.

 هن مطالبو ڪندي  چيو ته ٻيو جوابدار به گرفتار ڪري ساڻس  انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*