ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ڪراچي جي ڊفينس، صدر، نمائش چونگي، لياقت آباد، پٽيل پاڙو، عزيز آباد، اخترڪالوني، چنيسر ڳوٺ، محمود آباد ۾ برسات پئي.

نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، ڪورنگي، ملير، لانڊي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ٽين هٽي، سلطان آباد، قيوم آباد، ڀٽائي آباد ۾ مينهن پيو.

ڪورنگي ڪراسنگ، شاهراهه فيصل، لياري، لي مارڪيٽ، گارڊن، رنڇولائن، سميت پوري ڪراچي ۾ وسڪارو پيو.

برسات دوران بجلي توڙي ٽيليفون جو نظام درهم برهم ٿي ويو، جڏهن ته نيڪالي سسٽم جي روڊن تي پاڻي بيهي ويو.

ڪمشنر ڪراچي شعيب صديقي برسات کانپوءِ شهر جو دورو ڪيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس پهچي معائنو ڪيو.

ڪمشنر ڪراچي شعيب صديقي جو چوڻ هو لوڊشيڊنگ جي آزاد سبب عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي،  ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجي ڪارڪردگي سڌارڻي پوندي.

سانگهڙ، ميرپورخاص، کپرو، ٿاڻو بولا خان، ماتلي ۽ شهرن ۾ تيز برسات پوڻ کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته برسات کانپوءِ مختلف شهرن ۾ بجلي معطل ٿي وئي آهي.

 موسميات کاتي موجب 23 کان 25 جولاءِ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*