پيپلز پارٽي سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو فيصلو ڪري ورتو آهي

پيپلز پارٽي سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب شرجيل ميمڻ کان ٻئي ۽ منظور وساڻ، سهيل انور سيال جي قلمدانن ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

دبئي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيو.

 اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مراد علي شاهه، سهيل انور سيال، آغا سراج دراني ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب 5 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا اندر وڏي پئماني تي تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي تبديل نه ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کان ٻئي وزارتون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آغا سراج دراني، منظور وساڻ، سهيل انور سيال جي قلمدانن ۾ ڦير ڦار ڪئي ويندي.

ذريعن موجب اجلاس دوران سنڌ حڪومت ۾ تڪڙا سڌارا آڻڻ ۽ اعليٰ سطح تي انتظامي تبديليون ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*