موسميات کاتي چوماسي جي برساتن جو هلندڙ سلسلو وڌيڪ 7 ڏينهن تائين پاڪستان ۾ موجود رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي چوماسي جي برساتن جو هلندڙ سلسلو وڌيڪ 7 ڏينهن تائين پاڪستان ۾ موجود رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، موسميات کاتي موجب ايندڙ ٽن ڏينهن دوران برسات جي سلسلي ۾ وڌيڪ شدت ايندي.
ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب هن ڀيري چوماسي جي برساتن جو سلسلو انتهائي شديد آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته چوماسي جي هلندڙ برساتن جو سلسلو 7 ڏينهن تائين پاڪستان ۾ موجود رهندو، جيڪو ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ وڌي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب مون سون جو سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي، ٺٽي ۽ سجاول ۾ شديد برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي پنجاب ۾ سنڌو درياءِ جي ڀرپاسي وارن علائقن ميانوالي، ڪنديان، دائود خيل ۽ بکر جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي پر ٻن ڏينهن بعد چترال درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچي ويندي.
خيبرپختونخواهه جي مٿانهين وارن علائقن هزاره ڊويزن، وادي نيلم، ڪشمير ۾ به خميس ۽ جمعي تي چوماسي جي برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سنڌ ۽ پنجاب ۾ مون سون جي برساتن جي سلسلي جو زور رهندو، جنهن بعد هي سلسلو بلوچستان تائين ڦهلجي ويندو.
بلوچستان جي علائقن سبي، نصير آباد ۽ قلات ۾ به برسات پوندي، جنهن سبب مقامي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي…………….