ڏکڻ پنجاب، چترال ۽ اسڪردو ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن

ڏکڻ پنجاب، چترال ۽ اسڪردو ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن،  اسڪردو ۾ گليشيئر سان ٺهيل پل ڊهي پوڻ سبب 70 کان وڌيڪ  ڳوٺ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا،  جڏهن ته چترال ۾ گليشيئر پگهرجڻ کانپوءِ ڊهي پل جي آرمي انجنيئرز مرمت ڪري شهر جو ٻين علائقن سان زميني رابطو بحال ڪري ڇڏيو آهي.

مسلسل برساتن ۽ گليشيئر جي تيزي سان پگهرجڻ سبب گلگت بلتستان ۾ اسڪردو، هنزه نگر، گهانچي، ديا مير ۽ عذر ۾ ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترائي ئي رابطه واري رستا ۽ پل ٽٽڻ سبب اتان جي رهواسين جو ملڪ جي ٻين علائقن سان زميني ۽ مواصلاتي رابطو ڪٽيل آهي.

اسڪردو ۽ گهانچي وارن علائقن ۾ برسات اهڙي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جو سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ٿي ٿي ويو آهي.

انتظاميه موجب، اسڪردو ۾ 60 کان وڌيڪ ڳوٺ بـُري طرح متاثر ٿيا آهن، هن وقت تائين هڪ سئو 10 گهر، 7 اسڪول ۽ 9 پن بجلي گهر به تباهه ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 16 مسجدن کي به نقصان پهتو آهي.

10 پلون لڙهي وڃڻ سبب 75 ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽيل آهي، 200 ايڪڙ ايراضي تي بيٺل زردالو ۽ صوفن جا باغ به تباهه ٿي ويا آهن.

هڪ درجن کان وڌيڪ گهر ڊهي پـَٽ پوڻ سبب علائقي واسين لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

چترال ۾ به ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري آهن، دروش، گرم چشما، ڪوراغ، بوني ۽ مستوچ سب ڊويزن ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

علائقي ۾ هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ اتي کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن جي کوٽ به پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب چترال ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جون ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، پاڪ فوج پاران متاثر علائقن ۾ هيليڪاپٽر ذريعي اٽو، گيهه، کير ۽ کنڊ سميت ٻيون عام واهپي جون شيون فراهم ڪيون پيون وڃن.

آءِ ايس پي آر موجب، ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، چترال ۾ ستين ڏينهن به رليف ۽ ريسڪيو آپريشن دوران ڪوراغ ۽ بوني وارن علائقن مان 60 ماڻهن کي هيليڪاپٽر ذريعي ڪڍيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيلن ۾ بيمار، بزرگ، گهمڻ لاءِ آيل  ۽ ٻارڙا شامل آهن، جڏهن ته چترال اسڪائوٽس به امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، چترال ۾ گليشيئر پگهرجڻ سبب تباهه ٿيل پل جو پاڪ آرمي جي انجنيئرز مرمتي ڪم مڪمل ڪري شهر جو ملڪ جي ٻين علائقن سان زميني رابطو به بحال ڪري ڇڏيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*