پشاور ۾ اغوا ٿي ويل ٻارڙَي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي

پشاور ۾ اغوا ٿي ويل ٻارڙَي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي مردان ريجن ۾ ڪارروائي دوران هڪ ڀتَي خور کي گرفتار ڪري ورتو.

پشاور جي غفران حبيب ڪوهاٽي واري علائقي مان 7 ورهين جي ٻارڙي حارث جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو.

پوليس موجب حارث کي ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو ۽ بازيابي لاءِ 50 لک رپيا گهريا ويا هئا، ڀنگ جي رقم نه ملڻ تي ٻارڙي کي قتل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ مردان ريجن ۾ ڪارروائي ڪري هڪ ڀتي خور کي گرفتار ڪري ورتو.

دهشتگردي ٽوڙ فورس موجب، گرفتار ڀتي خور علي ريحمان فون ذريعي واپارين کان ڀتو طلب ڪندو هو، سندس گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، وٽائنس هڪ پسٽل به مليو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*