لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر محمود پنجاب ۾ تڪبندين خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻيءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر محمود پنجاب ۾ تڪبندين خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻيءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد نئين بينچ جوڙڻ لاءِ درخواست ٻيهر چيف جسٽس ڏانهن موڪلي وئي آهي.

تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين پنجاب ۾ تڪبندين ۽ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.

جسٽس عاطر محمود، جسٽس عابد عزيز شيخ ۽ جسٽس شاهد ڪريم تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته بينچ جي سربراهه جسٽس عاطر محمود ذاتي سببن ڪري درخواست تي ٻڌڻيءَ کان انڪار ڪيو.

جسٽس عاطر محمود جي انڪار بعد نئين بينچ جوڙڻ لا درخواست چيف جسٽس منظور ملڪ ڏانهن موڪلي وئي آهي.

جهانگير ترين درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته پنجاب حڪومت پنهنجي مرضي جون تڪبنديون ڪرائي، جيڪو عمل سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي.

درخواست ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ڪيل تڪبندين کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*