سـُپريم ڪورٽ، قومي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي بابت نيڪٽا جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي

سـُپريم ڪورٽ، قومي ايڪشن پلان تي اڳڀرائي بابت نيڪٽا جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته 24 ڊسمبر 2014 تي ايڪشن پلان جو اعلان ٿيو پر 2 ارب رپين جي بجيٽ نٿي منظور  ناهي ٿي سگهي ۽ نه ئي  جوائنٽ انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ قائم ٿيو آهي، جيڪڏهن عمل ناهي ڪرڻو ته پوءِ فائل بند ٿا ڪري ڇڏيون.

جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اين جي اوز جي رجسٽريشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ڊپٽي اٽارني جنرل ساجد الياس، نيڪٽا پاران قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته 24 ڊسمبر 2014 تي قومي ايڪشن پلان جو اعلان ٿيو ۽ جوائنٽ انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ قائم ٿيڻو هو پر هن وقت تائين جي آءِ ڊي جو قيام عمل ۾ ڇو ناهي آيو.؟

ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ڊي جي قيام لاءِ سمري 8 مارچ تي وزيراعظم ڏانهن موڪلي هئي، جنهن تي جسٽس جواد ايس خواجه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 8 مهينا گذري ويا آهن پر هيل تائين سمري رڳو گهمايو پيو وڃي، جوائنٽ انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ به قومي ايڪشن پلان جو حصو آهي.

جسٽس جواد ايس خواجه پڇاڻو ڪيو ته ڇا قومي ايڪشن پلان جي بجيٽ منظور ٿي آهي؟، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل ساجد الياس ٻڌايو ته اڃا تائين بجيٽ منظور ناهي ٿي سگهي.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو ته ايترو وقت گذرڻ باوجود 2 ارب رپين جي بجيٽ منظور ناهي ٿي سگهي، عدالت جو ڪو به مفاد ناهي، جيڪڏهن ڪم ناهي ڪرڻو ته پوءِ ٻڌائي ڇڏيو، فائيل ئي بند ڪري ڇڏيون ٿا…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*