پشاور هاءِ ڪورٽ، احتساب ڪميشن کي خيبرپختونخواهه جي معدنيات واري سيڪريٽري ميان وجيهه الدين کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

 پشاور هاءِ ڪورٽ، احتساب ڪميشن کي خيبرپختونخواهه جي معدنيات واري سيڪريٽري ميان وجيهه الدين  کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

جسٽس نثار حسين ۽ جسٽس وقار احمد سيٺ تي ٻڌل پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ معدنيات واري سيڪريٽري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

معدنيات واري سيڪريٽري ميان وجيهه الدين موقف اختيار ڪيو ته احتساب ڪميشن کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي، عدالت کي استدعا آهي ته احتساب ڪميشن کي گرفتاري کان روڪيو وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي احتساب ڪميشن کي حڪم ڏنو آهي ته معدنيات واري سيڪريٽري کي گرفتار نه ڪيو وڃي.

واضح رهي ته احستاب ڪميشن صوبائي وزير ضياءُ الله آفريدي کي پڻ گرفتار ڪيو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*