وزيراعظم ميان نواز شريف چترال جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ روانو ٿي ويو

وزيراعظم ميان نواز شريف چترال جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ روانو ٿي ويو، وزيراعظم کي رليف ۽ ريسڪيو آپريشن بابت بريفنگ ڏني ويندي.

وزيراعظم نواز شريف پي آءِ اي جِي اڏام ذريعي اسلام آباد کان چترال لاءِ روانو ٿي ويو، وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ خيبر پختونخوا جو گورنر سردار مهتاب عباسي سميت ٻيا ساڻس گڏ موجود آهن.

وزيراعظم دوري دوران ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو، جتي کيس رليف ۽ ريسڪيو آپريشن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي.

وزيراعظم نواز شريف چترال جي دوري تي گذريل ڏينهن روانو ٿيڻو هو پر موسم جي خرابيءَ سبب دورو اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*