پاڪستان ۾ اقليتي برادري عدم تحفظ جو شڪار آهي گورنر پنجاب چوڌري سرور

پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان هيل تائين اهڙي ڪابه حڪومت نه آئي آهي، جنهن سان اقليتن ۽ عوام کي تحفظ جو احساس ٿيو هجي.

ڪراچي ۾ هندو ڪائونسل جي وفد سان ملاقات دوران پنجاب جي گورنر چيو ته جوابدارن کي سزائون ملن ها ته اقليتن سان راڌا ڪشن سميت مختلف هنڌن تي پيش ايندڙ  واقعا سامهون نه اچن ها.

هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري عدم تحفظ جو شڪار آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ماحول گرم آهي، عمران خان ۽ طاهر القادري سميت مختلف سياستدانن سان دوستي آهي.

هن چيو ته ملڪ جي ٺهڻ کان هيل تائين اهڙي ڪابه حڪومت نه آئي آهي، جنهن ۾  عوام ۽ اقليتن کي تحفظ جو احساس ٿيو هجي.

ان موقعي تي هندو ڪائونسل پاران پنجاب جي گورنر کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*