بحريه ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض ٻن ريٽائرڊ ڪرنلز ۽ هڪ ڊاڪٽر تي بليڪ ميلنگ جو الزام لڳائيندي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

 بحريه ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض ٻن ريٽائرڊ ڪرنلز ۽ هڪ ڊاڪٽر تي بليڪ ميلنگ جو الزام لڳائيندي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

بحريه ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض پنهنجي وڪيل بابر اعواڻ سان گڏ اسلام آباد جي لوهي ڀير ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني.

درخواست ۾ ڊاڪٽر شفيق الرحمان، ليفٽيننٽ ڪرنل رٽائرڊ طارق ڪمال ۽ خالد رشيد خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽئي ڄڻا کيس بليڪ ملي رهيا آهن، کائنس 5 ڪروڙ رپيا به ورتا ويا هئا، جنهن جا لکت ۾ توڙي وڊيو ثبوت به موجود آهن.

درخواست ۾ چيو ويو ته کائنس رقم وٺڻ بعد بليڪ ميل نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي پر ٻيهر بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.

درخواست داخل ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ اڳواڻ چيو ته فوجداري 154 تحت درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ لکت ۾ ثبوت ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز پڻ ڏنا ويا آهن.

بابر اعواڻ چيو ته ٽنهي ڄڻن ملڪ جي هڪ وڏي اداري جي نالي تي ملڪ رياض کي بليڪ ميل ڪيو،    اميد آهي ته جاچ ادارو قانوني گهرجون پوريون ڪنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*