ٽنڊي آدم ۾ مسافر وين جو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻارڙَي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ٽنڊي آدم ۾ مسافر وين جو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ عورت ۽ ٻارڙَي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ ڇاڇري ويجهو زمين ۾ پوريل بم ڦاٽڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ٽنڊي آدم کان شهدادپور ويندڙ مسافر وين جو هالا ڦاٽڪ وٽ گئس سلينڊر ڦاٽي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻارڙَي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي.

باهه لڳڻ سبب وين مڪمل طور تي سڙي رک ٿي وئي، جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ڇاڇري جي ڳوٺ پاڏاسريو ۾ زمين ۾ پوريل بم ڦاٽڻ سبب گل محمد، پوڙهو، صدام چانهيون ۽ اميد علي سميجو زخمي ٿي پيا، جن کي  عمرڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*