ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور سميت 4 جوابدارن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ قمر منصور سميت 4 جوابدارن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو  آهي، عدالت قمر منصور جي ميڊيڪل رپورٽ هفتي اندر طلب ڪري ورتي آهي.

رينجرز نائين زيرو تان گرفتار جوابدار قمر منصور، آصف ۽ طارق عزيز کي رمانڊ لاءِ اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو  .

رينجرز عدالت کي قمر منصور جو رمانڊ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي قمر منصور جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس موڪل کي 17 سالن کان ڪرنگهي جي تڪليف آهي ان ڪري کيس رينجرز حوالي ڪرڻ بدران  اسپتال موڪلڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

وڪيل عدالت کي اهو به چيو ته قمر منصور تي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن، انهن ۾ رمانڊ ۾ وٺڻ بدران کيس رينجرز حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جيڪا بدنيتي  آهي.

متحده وڪيل جي اهڙي استدعا تي عدالت چيو ته قمر منصور انهن ڪيس ۾ اڳ ۾ ڇو پيش نه ٿيو.

عدالت  قمر منصور جي ميڊيڪل رپورٽ هفتي اندر طلب ڪندي کيس 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز قمر منصور کي 17 جولاءِ تي نائين زيرو تان گرفتار ڪيو هو ۽ 20 جولاءِ تان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت مان راهداري رمانڊ ورتو هو.

رينجرز  دهشتگردن جي  مدد جي الزام هيٺ گرفتار  ٽن جوابدارن  يوسف ميمڻ، اسماعيل چنگاري ۽  عبدالرحمان کي رمانڊ لاءِ   اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.

عدالت رينجرز جي درخواست تي ٽنهي جوابدارن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز گرفتار ٿيل جوابدارن جي نشاندهي تي ٽنهي جوابدارن کي ڪراچي جي ڏکڻ واري علائقي مان گرفتار ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*