قاف ليگ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ٻوڏ ناهي تنهن هوندي به 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي

قاف ليگ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ٻوڏ ناهي تنهن هوندي به 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، پ پ قيادت کي هن وقت دبئي بدران سنڌ ۾ هجڻ گهرجي ها.

ڪراچي جي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ برساتي نالن ۽ واهن تي وڏيرن جا قبضا ٿيل آهن.

هن چيو ته پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، عوام کي انهن مان ڪو به فائدو نٿو ملي سگهي.

حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾هن وقت 2 وڏا چئلينجز آهن، هڪ درياهي وهڪرا ۽ ٻيو چوماسي جون برساتون، صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪي به انتظام ناهن ڪيا.

هن چيو ته سنڌو ۾ چاڙهه سبب ڪنڌڪوٽ کان ٺٽي تائين 15 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيندا، سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته سندن سار لهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*