ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٽن ڏينهن تائين برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٽن ڏينهن تائين برسات جاري رهڻ جو امڪان آهي، پي ڊي ايم اي رين الرٽ جاري ڪندي چيو آهي  25 جولاءِ تي سکر بئراج مان ساڍا 5 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرندو.

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين چوماسي جي برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي.

پي ڊي ايم اي سمورن ضلعن ۾ رين ايمرجنسي سينٽر قائم  ڪرڻ ۽ واسطيدار ادارن کي الرٽ رهڻ جي  هدايت ڪندي چيو آهي ته سڀاڻي ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

پي ڊي ايم اي جي ڊي جي سلميان شاهه جو چوڻ آهي ته 25 جولاءِ تي سکر بئراج مان ساڍا 5 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرندو.

پي ڊي ايم اي موجب ايندڙ ٽن ڏينهن دوران سنڌ ۾ 70 کان 120 ملي ميٽر برسات ٿي سگهي ٿي.

گذريل ڏينهن ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي.

برسات دوران بجلي توڙي ٽيليفون جو نظام درهم برهم ٿي ويو، جڏهن ته نيڪال وارو سسٽم ناڪاره هجڻ ڪري روڊن تي پاڻي بيهي ويو.

سانگهڙ، ميرپورخاص، کپرو، ٿاڻو بولا خان، ماتلي ۽ ٻين شهرن ۾ تيز برسات پوڻ کانپوءِ گرمي جو زور ٽــُٽـِـي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*