پ پ قيادت سنڌ ڪابينا ۾ شامل وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي

پ پ قيادت سنڌ ڪابينا ۾ شامل وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، سيد ناصر شاهه کي  ڪابينا ۾ شامل ڪري کيس مڪاني ادارن جو کاتو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ دبئي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪابينا ۾ شامل وزيرن جي کاتن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب نثار کهڙو کي سڌ سماءَ ۽ آبپاشي کاتو ۽ هزار خان بجاراڻي کي تعليم کاتي جو قلمدان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب مڪيش ڪمار چاولا کي پبلڪ هيلٿ انجنيرنگ ۽ ٻهراڙين جي ترقي وارا کاتا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو  آهي.

ذريعن موجب شرجيل انعام ميمڻ کي ورڪس اينڊ سروسز ۽ آرڪائيوز کاتي جا قلمدان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ناصر شاهه کي ڪابينا ۾ شامل ڪري مڪاني ادارن واري وزارت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب هڪ وزير کي ڪابينا مان فارغ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، ڪنهن کان وزارت واپس ورتي وڃي، ان حوالي سان دبئي ۾ مشاورت جاري آهي، فيصلو ٿيندي ئي وڏو وزير وطن واپس ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*