سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي جي چڙ ڏياريندڙ تقريرن سميت 6 ڪيسن ۽ خالد مقبول صديقي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي جي چڙ ڏياريندڙ  تقريرن سميت 6 ڪيسن ۽ خالد مقبول صديقي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ بئنچ رئوف صديقي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت رئوف صديقي جي چڙ ڏياريندڙ  تقريرن سميت 6 ڪيسن ۾ 20 -20 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪندي  آءِ جي سنڌ کان 29 جولاءِ تائين ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

رئوف صديقي خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم خالد مقبول صديقي جي هڪ ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*