تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن پرويز خٽڪ جي ڪنٽرول ۾ نه آهي

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي احتساب ڪميشن پرويز خٽڪ جي ڪنٽرول ۾ نه آهي، افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ ٿيل ڳالهين جي آجيان ڪيون ٿا، سڀني کي برابري جا حق ملڻ سان دهشتگردي ختم ٿيندي.

وزيراعليٰ هائوس خيبر پختونخوا ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيد ٿيل ٻارڙن جي ياد ۾ منعقد ڪيل تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هـــُو شهيد ٿيل ٻارڙن جي درد کي سمجهن ٿا.

هن چيو ته هـُو ڪوڙِي شهرت نه پر عوام جي خدمت لاءِ ميدان ۾ آيو  آهي، شهيدن جي نالي تي سرڪاري يونيورسٽي ٺاهي ويندي.

عمران خان چيو ته دهشتگردي خطي لاءِ ناسور بڻيل آهي، سڀني کي برابري جا حق ملڻ سان دهشتگردي ختم ٿيندي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف طالبان سان ڳالهين جي حمايت ڪئي هئي، ڇوته مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندا آهن.

پي ٽِي آءِ چيئرمين چيو ته خيبر پختونخوا جي احتساب ڪميشن وڏي وزير پرويز خٽڪ جي ڪنٽرول ۾ نه آهي، جڏهن ته هــُو افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ ٿيل ڳالهين جي آجيان ڪيون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*