وزيراعظم نواز شريف چترال جي ٻوڏ متاثرن جا زرعي قرض معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

وزيراعظم نواز شريف چترال جي ٻوڏ متاثرن جا زرعي قرض معاف ڪرڻ جو اعلان ڪندي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم نواز شريف پي آءِ اي جِي اڏام ذريعي اسلام آباد کان چترال پهتو، جتي خيبر پختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سندس استقبال ڪيو، وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ خيبر پختونخواه جو گورنر سردار مهتاب عباسي به  وزيراعظم سان ساڻس گڏ هئا.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جي او سي مالاڪنڊ ميجر جنرل نادر خان سان گڏجي چترال جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، جنهن بعد وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقي ڪروغ پهتو.

وزيراعظم کي  ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۽ برسات سبب ٿيل جاني نقصان تي بريفنگ ڏني وئي.

وزيراعظم نواز شريف، اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته چترال ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪيون وڃن، ٻوڏ متاثرن کي هن ڏکي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف ٻوڏ متاثرن جا زرعي قرض معاف ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*