ڌاڙيلن هٿان قتل ٿيل شاگرد جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ دادو جي ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو

دادو ۾ ڀنگ نه ڀري سگهڻ سبب ڌاڙيلن هٿان قتل ٿيل شاگرد جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو آهي.

دادو مان  2ڏينهن اڳ هٿياربند شاگرد مبشر حسين کي اغوا ڪري ويا ۽ 80 لک ڀنگ جو مطالبو ڪيو، جيڪو وارث ڀري نه سگهيا پر پوليس به ڪجهه نه ڪري سگهي.

وارثن جي غربت ۽ پوليس جي نااهلي سبب ڌاڙيلن تشدد ڪري شاگرد کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش گذريل رات هٿ ڪيو ويو.

مقتول مغوي نينگر جي وارثن واقعي خلاف احتجاج ڪندي ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب انڊس هاءِ وي تي گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته نينگر جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*