سپريم ڪورٽ آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيس ۾ سنڌ حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواستن تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيس ۾ سنڌ حڪومت خلاف توهين عدالت جي 6 درخواستن تي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نظرثاني درخواست تي فيصلي بعد توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ سنڌ حڪومت خلاف توهين عدالت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل غلام سرور خان سنڌ حڪومت پاران عدالت ۾ پيش ٿيو.

چيف جسٽس، ريمارڪس ڏنا ته عدالت، ساڳي ڪيس ۾ نظرثاني درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري چڪي آهي، پهريان ان درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويندو،جنهن بعد توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

عدالت، سنڌ حڪومت خلاف توهين عدالت جي ڇهن ئي درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*