سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ کي 16 ڊسمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي  شرجيل ميمڻ ۽ ايڊوڪيٽ جنرل کي 16 ڊسمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ شرجيل ميمڻ خلاف شهري راڻا فيض الحسن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي 14 نومبر تي شرجيل ميمڻ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ججز کي ڊڄڻو قرار ڏنو، جيڪو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ججز خلاف ڳالهائڻ تي شرجيل ميمڻ خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

عدالت اهڙي  درخواست تي  شرجيل ميمڻ ۽ ايڊوڪيٽ جنرل کي 16 ڊسمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*