راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بينظير قتل ڪيس ۾ امريڪي صحافيءَ جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ انتظام نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بينظير قتل ڪيس ۾ امريڪي صحافيءَ جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ انتظام نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي.

شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، سرڪاري پراسيڪيوٽر به پيش ٿيو.

پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته امريڪي صحافي مارڪ سيگل سان سندس فون تي ڳالهه ٿي آهي، ساڻس پاڪستاني سفارتخاني رابطو ئي نه ڪيو آهي.

هن چيو ته امريڪي صحافي اڃا تائين واشنگٽن ۾ موجود آهي، جنهن جي بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن.

عدالت امريڪي صحافيءَ جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ انتظام نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي کانئس جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*