ڪوئيٽا جي ڪچلاڪ واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

 ڪوئيٽا جي ڪچلاڪ واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف سي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ڪوئيٽا جي ڪچلاڪ واري علائقي ۾ فرنٽيئر ڪور  ۽ ڳجهن ادارن ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.

ترجمان موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد زخمي ٿي پيو، ان سميت 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايف سي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، وٽائن وڏي انگ ۾ هٿيار به هٿ ڪيا آهن.

گرفتار دهشتگردن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*