اليڪشن ٽربيونل پشاور پي ڪي 93 اپر دير مان چونڊيل جماعت اسلامي جي ايم پي اي ملڪ بهرام خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي

 اليڪشن ٽربيونل پشاور پي ڪي 93 اپر دير مان چونڊيل جماعت اسلامي جي ايم پي اي ملڪ بهرام خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ٽربيونل پشاور ۾ جماعت اسلامي سان واسطو رکندڙ خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي ميمبر ملڪ بهرام خان جي ڪاميابي خلاف پيپلزپارٽي جي صاحبزاده ثناءُ الله جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ملڪ بهرام خان جعلي ڊگري ذريعي چونڊن ۾ حصو ورتو آهي، سندن ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

اليڪشن ٽربيونل، اهڙي درخواست جماعت اسلامي جي ميمبر ملڪ بهرام خان کي نااهل قرار ڏنو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*