پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ڌرڻن سان ملڪي معيشت کي وڏو نقصان پهتو، ان جو نتيجو اڄ به قوم ڀوڳي رهي آهي.

راجنپور ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته عام چونڊون شفاف هيون، هــُو عدالتي ڪميشن جي رپورٽ تي سڀني کي مبارڪون ڏئي ٿو.

هن چيو ته ڌرڻن سبب معيشت کي پهتل نقصان جي ڪري قوم اڄ به ڀوڳي رهي آهي، ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته بيماريءَ باوجود هـُو ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهي ۽ متاثرن جي بحاليءَ تائين آرام سان نه ويهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*