قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي

 قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪمران جماعت ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف کي عدالتي فيصلو قبول ڪرڻ گهرجي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته سڀني اتفاق ڪيو هو ته انڪوائري ڪميشن جو جيڪو به فيصلو هوندو، اهو سڀني کي قبول هوندو.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت کي گهرجي ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جلد منظر عام تي آندو وڃي، جيئن قوم کي حقيقتن کان خبر پئجي سگهي.

هن چيو ته انڪوائري ڪميشن جو فيصلو جمهوريت لاءِ بهتر هوندو، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف کي گهرجي ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ کي قبول ڪن.

خورشيد شاهه چيو ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ سمورا خدشا ختم ٿي ويندا، حڪومت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پارليامينٽ ۾ به پيش ڪري……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*