وزيراعظم نواز شريف، اڄ شام 7 وڳي قوم کي خطاب ڪري رهيو آهي

وزيراعظم نواز شريف، اڄ شام 7 وڳي قوم کي خطاب ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ چونڊ ڌانڌلين بابت سامهون آيل انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم نواز شريف انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سچ جي فتح ٿي ۽ باطل کي شڪست ملي آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري سيڪريٽري جسٽس رٽائرڊ سردار رضا، اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ، وزيراعظم جي قانون معاملن بابت صلاحڪار اشتر اوصاف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ 2013 واري عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب، وزيراعظم کي صلاح ڏني وئي ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي قوم کي خطاب ڪري اعتماد ۾ ورتو ورتو وڃي ۽ انڪوائري ڪميشن جي سفارشن کان قوم کي آگاهه ڪيو وڃي.

 ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم نواز شريف اڄ شام 7 وڳي قوم کي خطاب ڪندو ۽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف پنهنجي خطاب ۾ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم قوم  سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جو به اظهار ڪندو، جڏهن ته هو اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ خودمختيار ۽ آزاد بڻائڻ لاءِ تجويزن جي منظوري جو به اعلان ڪندو.

ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف پاران جمهوريت جي مضبوطي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي گڏ کڻي هلڻ جي دعوت جو امڪان آهي.

اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو ته ن ليگ جو موقف صحيح ثابت ٿيو آهي، رپورٽ کانپوءِ حق جي فتح ٿي آهي ۽ باطل کي شڪست ملي آهي.

وزيراعظم چيو ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ مان ثابت ٿيو ته مسلم ليگ ن جا هٿ صاف هئا، ن ليگ جو موقف عوام آڏو رکڻ تي هو ميڊيا جو به ٿورائتو آهي.

هوڏانهن وزيراعظم هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي ڪميشن جي رپورٽ وزيراعظم هائوس کي ملي وئي آهي، ان حوالي سان وزيراعظم اڄ 7 وڳي قوم کي خطاب ڪندو.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب عدالتي ڪميشن جي رپورٽ قانون واري وزارت جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*