تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ حڪومتي موقف جي ابتڙ هجڻ سبب شايع ڪرڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ حڪومتي موقف جي ابتڙ هجڻ سبب شايع ڪرڻ ۾ دير ڪئي پئي وڃي، رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد حقيقت سامهون اچي ويندي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن عدالتي ڪميشن جي رپورٽ حڪومتي موقف موجب آهي ته پوءِ شايع ڇونه ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪميشن جي رپورٽ حڪومت جي حق ۾ هجي ها ته هن وقت تائين 2 چار صفحا پڙهي ٻڌايا به وڃن ها.

جهانگير ترين چيو ته پي ٽي آءِ عام چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت جيڪي ثبوت آڻڻ پئي گهريا، اهي سمورا ڪميشن آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد حقيقت معلوم ٿي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*