سنڌ جي سڌ سماءَ ۽ آبپاشي واري وزير نثار کهڙو چيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن عمران خان جي چوڻ تي ٺهي، فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي

سنڌ جي سڌ سماءَ ۽ آبپاشي واري وزير نثار کهڙو چيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن عمران خان جي چوڻ تي ٺهي، فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن ڌانڌلي ثابت نه ٿي ته عمران خان کي معافي وٺڻي پوندي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو  ته عمران خان وري ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هو اهڙي ڳالهه ڪري ڪي پي ڪي سميت ٽن اسيمبلين جي توهين ڇو پيو ڪري.

صوبائي وزير چيو ته وزارتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن ۽ تازو ٿيل تبديليون به معمول جو حصو آهن.

نثار کهڙي چيو ته جيستائين الزام ثابت نه ٿين ان وقت تائين ڪوبه جوابدار ناهي هوندو ۽ الزام لڳائڻ بهتر عمل نه آهي.

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته هرجاڻي واري ڪيس جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*